سنڌ سرڪار وفاق کي زرعي شعبي جي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپوٽر) سنڌ حڪومت وفاق کي زرعي شعبي جي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، اسماعيل راهو پنھنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته وفاق جو ڪڻڪ جي قيمت 1650 رپيا مقرر ڪرڻ وارو فيصلو سمجهه کان ٻاھر آهي،  ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ وقت زميني حقيقتن جو جائزو نه ورتو ويو، سنڌ حڪومت وفاق جي آبادگار دشمن فيصلي کي رد ڪري ٿي. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته عمران خان جي حڪومت جا فيصلا آبادگارن جي حقن جي خلاف آهن. حق گهرڻ تي آبادگارن تي تشدد ڪيو پيو وڃي. تحريڪ انصاف جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ناانصافين جي داستان رقم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت ۾ ڪڻڪ ڪندڙ آبادگار اڄ ٻن وقتن جي ماني کائڻ کان به محروم آهي. جيڪڏهن صنعتن لاءِ بجلي سستي ٿي سگهي ٿي ته آبادگارن لاءِ ڇو ڪونه، جيڪڏهن اهڙا فيصلا ٿيا ته آبادگار ڪڻڪ جو فصل ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندو. ڪڻڪ پوکڻ لاءِ 1800 روپيا في مڻ لاڳت اچي ٿي. اسماعيل راهو وفاق کي خبردار ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2000 مقرر نه ٿي ته ٻيهر ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ ڪڻڪ جي قيمت مقرر ڪرڻ جو اختيار صوبن وٽ آهي. سنڌ حڪومت وفاق کي به ڪڻڪ جي قيمت 2000 مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي ھئي جنهن کي ڪنهن کاتي ۾ نه آندو ويو. اسماعيل راهو چيو ته هن وقت به ڪڻڪ جي امپورٽ 2100 کان وڌيڪ پوي ٿي. حڪومت مهانگي ڪڻڪ ٻاهريان ته گهرائي رهي آهي پر پنهنجي آبادگارن کي هنن جو جائز حق ڏيڻ نه ٿي چاهي. جيڪڏهن ڊي اي پي ، يوريا ، ٻچ ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿئي ته سنڌ حڪومت به ڪڻڪ جي قيمت گهٽائي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.