ٽرمپ پاران نتيجا چئلينج ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (م ڊ ) آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ڊيموڪريٽس اميدوار جو بائيڊن جي ڪاميابي باوجود آمريڪي  صدر ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان اليڪشن ۾ وڏي مارجن تان کٽي ويو آهيان. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جو بائيڊن جي صدارت ۾ ڪاميابي جي دعويٰ غلط آهي، اڃا چونڊن جا نتيجا رهيل آهن، بائيڊن جي اهڙي غلط دعويٰ ۾ ميڊيا جا ماڻهو به سندس مدد ڪري رهيا آهن، چونڊ نتيجن کي ايندڙ هفتي عدالت ۾ چيلينج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.