1964کانپوءِ پهريون ڀيرو رياست اوهايو کٽڻ کانسواءِ آمريڪي صدر ڪامياب ٿيو

واشنگٽن ( م ڊ ) 1964 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن  رياست اوهايو کٽڻ کانسواءِ آمريڪي صدارت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. 1960ع کانپوءِ هي پهريون موقعو آهي جو آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن اميدوار اوهايو ۾ ڪاميابي کانسواءِ وائٽ هائوس تائين رسائي حاصل ڪئي. اوهايو  کي انتهائي اهم رياست سمجهيو ويندو آهي، جيڪا عام طور تي هڪ ريپلڪن رياست تصور ڪئي ويندي آهي، 1964 کانپوءِ جنهن به اميدوار رياست اوهايو تان کٽيو، اهو آمريڪي صدر چونڊيو.  هن رياست جا ٽوٽل 18 اليڪٽورل ڪالج ووٽ آهن، هنڀ يريو ٽرمپ جي حصي ۾ آئي پر مجموعي طور جوبائيڊن کٽي ويو.

بائيڊن کي برتري هئڻ باوجود آخري 6 رياستن جي نتيجن جو شدت سان انتظار رهيو

واشنگٽن ( م ڊ ) ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جو بائيڊن ۾ مقابلو دلچسپ رهيو پر آخري مرحلي ۾ جڏهن ٽرمپ  تي جو بائيڊن کي 20 اليڪٽورل ووٽن جي سرسي حاصل هئي ته آخري 6 رياستن جي نتيجن جي انتظار وڌيڪ سنسي پيدا ڪري ڇڏي. آخرڪار پنسلوانيا مان ڪاميابي کانپوءِ جو بائيڊن صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.