ڪملا هيرس آمريڪي تاريخ جي پهرين عورت نائب صدر چونڊجي وئي

واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا عورت ملڪ جي نائب صدر چونڊجي وئي آهي، اهو اعزاز ڊيموڪريٽس جي ڪملا  هيرس کي مليو آهي. پهريون ڀيرو ڪنهن ڪاري نسل جي عورت کي نائب صدارتي اميدوار چونڊيو ويو، ان کان اڳ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار جي دوڙ ۾ جو بائيڊن جي مخالف هئي، ڪيلفيورنيا سان واسطو رکندڙ سينيٽر جي والده انڊيا جڏهن ته والد جميڪا ۾ پيدا ٿيو، هوءَ رياست ڪيليفورنيا جي اڳوڻي اٽارني جنرل به رهي چڪي آهي، جڏهن ته نسلي مٿڀيد خلاف مظاهرن دوران پوليس نظام  سڌارن جي به حامي رهي آحي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.