جمهوريت جو ڪمال، ٽرمپ جو زوال، بائيڊن آمريڪا جو نئون صدر

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي ميڊيا چيو آهي ته ڊيموڪريٽس جو جو بائيڊن 273 اليڪٽورل ووٽ کڻي 46 هون آمريڪي صدر چونڊجي ويو آهي پينسلوينيا ۾ ڪاميابي کانپوءِ جو بائيڊن آمريڪي صدر بڻجي ويو آهي،  بائيڊن پينسلوينيا جا 20 اليڪٽورل ووٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جو بائيڊن 7 ڪروڙ 47 لک ووٽ حاصل ڪندڙ پهريون اميدوار بڻجي ويو،بائيڊن جا حامي روڊن تي  نڪري جشن ملهائڻ لڳا، سي اين اين مطابق جو بائيڊن جنهن رياست ۾ پيدا ٿيو اتي هن کي سرسي حاصل ٿي چڪي آهي، کيس پاپولر ووٽ ۾ پنهنجي مخالف صدر ٽرمپ تي 40 لک ووٽن جي سرسي به حاصل آهي، صدارتي چونڊ ۾ تقريبن سمورين رياستن ۾ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، 50 مان 44 رياستن جا متوقع نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جن مطابق ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار جو بائيڊن وٽ هن وقت 264 اليڪٽورل ووٽ اهن جڏهن ته صدر ٽرمپ 214 ووٽ حاصل ڪري چڪو آهي، پينسلوينيا جي گورنر جان فيٽرمين سي اين اين سان ڳالهيون ڪندي ٽرمپ جي چونڊ مهم هلائيندڙٽيم کي مشورو ڏنو آهي ته اهي ڪچا ڪيلا نه خريد ڪن، يعني وڌيڪ پري جي منصوبابندي نه ڪن، ان سخت مقابلي واري رياست ۾ فيصلائتو نتيجو جلد سامهون اچي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ووٽن جو وڏو انگ جوبائيڊن جي حق ۾ هو ته هو صدر چونڊجي سگهي ٿو، نيواڊا رياست ۾ رڳو 6 اليڪٽورل ووٽ آهن هتي هن وقت جو بائيڊن کي 22657 ووٽن جي سرسي حاصل اهي ۽ هيل تائين 91 سيڪڙو ووٽ ڳڻجي چڪا آهن، رياست جي اڪثر ٻهراڙي وارا علائقا صدر ٽرمپ جا حامي ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر بائيڊن کي وڌيڪ آبادي وارين ڪائونٽيز ۾ سرسي حاصل آهي، هتي ووٽن جي ڳڻپ ۾ سست رفتاري تي سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي ميمز ٺاهيون پيون وڃن، هوڏانهن جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ اسان جي سوڀ واضح نظر اچي رهي آهي، رياست ڊيلاوئر ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن صدارتي اميدوار کي 74 ملين ووٽ مليا، اسان صدارتي ريس کٽي رهيا آهيون، بس نتيجن جو انتظار آهي، هن چيو ته اسان کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، سمورن ووٽن جي ڳڻپ ٿيڻ گهرجي ٻئي پاسي آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اڃا ته قانوني ڪارروائي جي شروعات ٿي آهي، بائيڊن کي سوڀ جي ڪوڙي دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي، مان به اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو، وڌيڪ 5 رياستن ۾ ڳڻپ جاري آهي جتي ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ بعد بائيڊن جي فتح جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو، جو بائيڊن 20 جنوري 2021ع تي صدارت جي چارج سنڀاليندو، هوڏانهن بائيڊن چيو آهي ته مان آمريڪي عوام جي اعتماد تي پورو لهندس، هن عظيم ملڪ جي قيادت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، جن مون کي ووٽ ڏنو يا نه ڏنو، مان سڀني جو صدر آهيان، اڳتي اسان کي مشڪل چئلينج درپيش آهن، هوڏانهن آمريڪي ميڊيا پاران چونڊ نتيجن جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ مختلف شهرن ۾ آمريڪي روڊن تي نڪري آيا، وشنگٽن ۾ بليڪ ميٽرز لائيو واري هنڌ تي ماڻهو گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا، هوڏانهن اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن چيو آهي ته هاڻي اسان وٽ چونڊيل صدر ۽ چونڊيل نائب صدر آهن، آمريڪا ڳالهايو ۽ جمهوريت جي فتح ٿي وئي، اڳوڻي صدر بارڪ اوباما چيو ته چونڊ نتيجن مان سامهون آيو آهي ته ملڪ اڃا به سخت ورهايل آهي،جڏهن ته نئين چونڊيل نائب صدر ڪامله هيرس بائيڊن کي مبارڪباد لاءِ فون ڪيو، برطانيا ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظمن جو بائيڊن کي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني  ۽ نيٽو چيف جين اسٽولٽن برگ ۽ يورپي يونين پاران به نئين چونڊيل صدر ۽ نائب صدر کي مبارڪباد ڏني وئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.