واسع جليل هاڻي ڪنهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپوٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه واسع جليل جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته واسع جليل هاڻي ڪنهن  کي به بيوقوف نٿو بڻائي سگهين ۽ مهاجر قوم جو لفظ استعمال نه ڪيو ته بهتر آهي. صوبائي وزير چيو ته جڏهن توهان ڪراچي ۾ ڪاري ۽ اڇي جا مالڪ هئا ته توهان هن شهر جي ماڻهن کي لاشن کانسواءِ ٻيو ڇا ڏنو؟ توھان ئي پنھنجن ماڻھن جو اصل استحصال ڪيو آھي. هن چيو ته اڄ توهان اهو الزام پيپلزپارٽي تي نٿا هڻي سگهو، ٿورو پوئتي نهاريندو ته جيڪا باهه توهان لڳائي انکي اسان ئي اجهاميو ۽ هن شهر ۾ امن قائم ڪيو. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪي نفرتون اوهان پيدا ڪيون انهن کي اسان محبت ۾ تبديل ڪيو ۽ پنهنجي گريبان ۾ ڏسو پوءِ ڳالهائيندا ڪريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.