مسيحي عملي کي توهين مذهب ڪيس جي ڌمڪي

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد ۾ صفائي ڪندڙ مسيحي عملي  کي توهين مذهب جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ سي ڊي  اي آفيسر کي عهدي تان هٽائي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته معاملو ان وقت سامهون آيو،  جڏهن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ سي ڊي اي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محسن شيرازي صفائي واري عملي کي ڪو معاملو اڪلائڻ لاءِ  توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏيندي ٻڌي سگهجي ٿو، سي ڊي اي آفيسر جي ان بيان تي صفائي عملي احتجاج ڪيو ۽ هڙتال جو چتاءُ ڏنو،  بي بي سي موجب محسن شيرازي جوچوڻ آهي ته بيان کي ڪٽي پيش ڪيو ويو آهي،  صفائي وارو ڪم ٺيڪي تي هلي رهيو آهي، صفائي ڪندڙن جي نگراني لاءِ  هر سيڪٽر ۾ هڪ انسپيڪٽر آهي، اهي سمورا انسپيڪٽر مسلمان آهن، هن دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ڏينهن اڳ  سيڪٽر جي سڪس ۾ انسپيڪٽر ۽ ورڪرز وچ ۾ ڪنهن معاملي تان جهيڙو ٿيو، مسيحي ورڪرن هڙتال ڪئي ۽ نعريٰ هنيا ته ”مسلمان انسپيڪٽر نامنظور“ ان تي کين سمجهائيندي چيو هو ته مذهب کي وچ ۾ نه آڻيو.  بي بي سي موجب سي ڊي اي چيئرمين معاملي جو نوٽيس وٺي 2 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙيندي ڄاڻايل آفيسر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.