ڪڙوا چوٿ جي ڪٿا

ڪڙوا چوٿ ۽ ڪجھ علائقن ۾ ڪروا چوٿ طور ھي ورت مشهور آھي

ڪڙوا چوٿ ۽ ڪجھ علائقن ۾ ڪروا چوٿ طور ھي ورت مشهور آھي.

جيڪي به استريون يا ناريون ڪٿا ٻڌڻ چاهين ٿيون، اهي سڀئي تيرهن (13) داڻا ڪڻڪ جا پنهنجي هٿ ۾ رکن ۽ ٿوري لاپسي يا سيرو جيڪو به توهان ٺاهيو آهي اهو به پنهنجي هٿ ۾ رکي ڇڏڻو آهي. انهي کان پوءِ توهان سمورين عورتن کي ڪٿا جو شروڻ ڪرڻو آهي، توهان هِن ڪٿا کي ڪنهن به ڏينهن ٻُڌي سگھو ٿيون ۽ جيڪڏهن توهان ڪڙوا چوٿ تي ئي اها ڪٿا ٻُڌو ٿيون ته پوءِ ڪٿا سماپت ٿيڻ کان پوءِ رات جو جڏهن توهان چندر کي ارگ ڏيو ٿا ته توهان انهن تيرهن (13) ڪڻڪ جي داڻن ۽ لاپسي کي گڏي جل سان ئي چندر کي ارگ ڏيڻ گھرجي. پوءِ هلو ته ڪٿا کي شروع ڪريون ٿا. سڀ گڏجي چئو ڪڙوا چوت ماتا جي جئه. هڪ ساهوڪار هو هُن جا ست پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي، اٺن ڀينرن ڀائرن ۾ تمام ئي گھڻو پريم هو، اهي سدائين گڏجي راند ڪندا هئا ۽ سدائين گڏجي ڀوجن ڪندا هُئا، هڪ ڀيرو اها ڀيڻ پنهنجي پيڪن ۾ آيل هُئي ۽ اهو ڏينهن ڪڙوا چوٿ جو ئي هو ۽ انهي ساهوڪار جي ڌي جو ڪڙوا چوٿ جو ورت رکيل هو، هميشه وانگر سمورا ڪم ڪار ٿي رهيا هُئا پر اها ڇوڪري بُک ۽ اُڃ وچان وِياڪل ٿي وئي هُئي، شام جو جڏهن هُن جا ڀائر ڪم تان واپس موٽيا ته انهن پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته اچ ڀيڻ ڀوجن ڪري وٺون، انهن جي ڀيڻ چيو ته اڄ ڪڙوا چوٿ جي ورت جو ڏينهن آهي، تنهن ڪري چندر جي نڪرڻ وقت ئي مان چندر کي ڏسي پوءِ ئي ڀوجن ڪندس. تڏهن ڀائرن اهو ڏٺو ته اسان جي ڀيڻ بُک ۽ اُڃ وچان ايتري وِياڪل آهي ته اها ويچاري ڪيستائين انتظار ڪندي ته انهن پنهنجي ڀيڻ سان اننت پريم جي ڪري هڪ يوجنا تيار ڪئي. انهن جي هڪ ننڍي ڀاءُ هڪ ڏيئو ورتو ۽ هڪ ڇاڻڻي ورتي ۽ هڪ وڻ وٽ وڃي، اتي ڏيئو ٻاري ڇاڻڻي سان هُن ڏيئي کي ڍڪي ڇڏيو، پوءِ موٽي اچي پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته تنهنجو چندر نڪري چڪو آهي، اهو ٻُڌي انهن ستن ڀائرن جي سڪيلڌي ڀيڻ ڊوڙيندي ڊوڙيندي پنهنجي ڀاڄائين وٽ وئي ۽ وڃي ڪري چوڻ لڳي ته ڀاڀي ڀاڀي هلو چندر نڪري چڪو آهي هلو ته هلي ارگ ڏيون، ڀاڄائين کي سچ جي خبر هُئي انهن ورندي ڏني ته نراڻ راڻي تنهنجو چندر نڪتو آهي اسان جو چنڊ ته رات جو نڪرندو، هُن اڪيلي ئي وڃي ارگ ڏئي ڇڏيو ۽ اچي پنهنجي ڀائرن سان ڀوجن ڪرڻ لڳي، جيئن ئي هُن پهريون گرهه ورتو ته هُن ۾ وار آيو ۽ جيئن ئي هُن ٻيو گرهه ورتو ته هُن ۾ پٿر آيو ۽ جيئن ئي اُها ڇوڪري ٽيون گرهه کائڻ لڳي ته هُن جي ساهرن مان ڪو هُن کي وٺڻ آيو ۽ چوڻ لڳو ته توهان جي ڀيڻ جو پتي تمام گھڻو بيمار آهي توهان هن کي مون سان موڪلي ڏيو، تڏهن هُن جي ماءُ ڌيڻس کي ساڙهي ڏيڻ لاءِ پيتي ۾ هٿ وڌو ته مالڪ جي اهڙي ڪرڻي هُئي جو هُن ڌيڻس کي اها ئي ساڙهي پارائي هُن کي ساهرن ڏانهن موڪليو ۽ گڏ هڪ سون جو ٽڪو (سِڪو) به ڌي کي ڏنو ۽ چيو ته توکي جيڪو به رستي ۾ ملي، هُن جي پيرين پئي آشيروارد وٺندي وڃجان ۽ جيڪو به توکي سهاڳ جو آشيروارد ڏي هُن کي اهو سون جو سِڪو ڏئي ڇڏجان، هُن ايئن ئي ڪيو ۽ رستي ۾ جيڪو به هُن کي ملندو ويو ته هُو به سڀني کي پيرين پوندي وئي ۽ سڀني هُن ڇوڪري کي آشيروارد پڻ ڏنو، ڪنهن آشيروارد ڏنو ته ٿڌي رهجان، ڪنهن چيو ته ڌيرج ڌارڻ ڪرڻ واري رهجان ۽ ڪنهن وري چيو ته ستن ئي ڀائرن جي ڀيڻ رهجان ۽ ڪنهن چيو ته تنهنجا سڀ ڀائر سُکي رهن، پر ڪنهن به هُن کي سهاڳ جو آشيروارد ڪون ڏنو. جڏهن هو ساهرن پهتي ته در تي هڪ ننڍڙي نراڻ بيٺل هُئي ته هُن وڃي پنهنجي نِراڻ جا پير ڇهيا، تڏهن هُن جي ننڍڙي نِراڻ چيو ته تون ستن پٽن جي ماءُ ٿئين ۽ توکي ڀائرن جو سُک حاصل ٿئي. اهو ٻُڌندي ئي، سون جو سِڪو جيڪو ماءُ ڏنو هو هُن پنهنجي ساڙهي جي پلي مان کولي پنهنجي نِراڻ کي ڏئي ڇڏيو، جيئن ئي اها اندر وئي ته سس روئي رهي هُئي ۽ روئندي پنهنجي ڪنوار کي چوڻ لڳي ته وڃ مٿي ۽ ڏس ته تنهنجو پتي مُئل آهي، ۽ جڏهن هو مٿي کُڏ تي وئي ته ڇا ڏسي هُن جي پتي واقعي ۾ مُئل آهي ۽ هو روئڻ پٽڻ لڳي ۽ هُن پنهنجي پتي جو انتم سنسڪار ڪون ڪرڻ ڏنو ۽ هو پنهنجي پتي جي سيوا ڪندي رهندي هُئي ۽ سس ڪنهن داسي جي هٿان، بچيل ماني جو ٽڪر مٿي موڪلي ڏيندي هُئي ۽ چوندي هُئي ته مُئل سيوڙي کي ماني ٽڪر ڏئي اچ. ٿورن ڏينهن پڄاڻان منگسر جي چوٿ آئي ۽ هُن ئي چوڻ لڳي (ڪروو لي ڪروو لي ڀايان ڪي پياري ڪروو لي گھڻي دُکاڻي ڪروو لي) تڏهن هو چوڻ لڳي ته هي چوٿ ماتا منهنجي اجڙيل ئي هاڻي تون ئي سڌاريندين، توهان ئي مون کي اجاڙيو آهي ته توهان کي مون کي وسائڻو آهي ۽ توهان کي ئي منهنجو سهاڳ موٽائڻو آهي. تڏهن چوٿ ماتا چيو، مون کي وڏي پوش ماتا ايندي، هُو مون کان وڏي آهي، اها ئي توکي تنهنجو سهاڳ موٽائي ڏيندي، ايئن ڪندي سموريون چوٿ ماتائون اينديون ويون ۽ سڀني ماتائن اهو ئي جواب ڏنو ته، اڳيان جيڪا چوٿ ايندي انهي کي چوجان، پوءِ جڏهن اَشوِن جي چوٿ آئي ته هُن چيو ته تنهنجي مٿان ڪارتڪ جي چوٿ ماتا ناراض آهي، اُها ئي تنهنجو سهاڳ توکي موٽائي ڏيندي ۽ تون هُن جا چرڻ جھلي ويهي رهجان، هو چئي هُو هتان هلي وئي ۽ پوءِ جڏهن ڪارتڪ جي چوٿ ماتا آئي ۽ ماتا ڪاوڙ وچان چيو ته (ڀايون ڪي پياري ڪروو لي، دن ۾ چاند اُگاني والي ڪروو لي، زياده ڀوڪ والي ڪروو لي) اهو ٻُڌندي ئي ساهوڪار جي ڌي ماتا جا چرڻ جھلي ويهي رهي ۽ هٿ ٻڌي روئڻ پٽڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي هي چوٿ ماتا منهنجو ور سهاڳ تنهنجي هٿ ۾ آهي تون مون کي منهنجو سهاڳ موٽائي ڏي، ته چوٿ ماتا ڪاوڙ وچان چوڻ لڳي ته ڇڏ پاپڻ، هتيارڻ منهنجا پير جھلي ڇو ويٺي آهين. تڏهن ساهوڪار جي ڌي چيس ته توهان ئي منهنجي مٿان ڪاوڙ ڪئي هُئي ۽ هاڻ توهان ئي منهنجي مٿان ٻاجھ جو هٿ رکو، مون کي منهنجو سهاڳ موٽائي ڏيو. هُن ساهوڪار جي ڌي جي شرڌا، نمرتا، ڌيرج ۽ وشواس ڏسندي، ماتا هُن تي پرسن ٿي، پنهنجي نيڻن مان ڪجل ڪڍيو ۽ پنهنجي ننهَن مان ميندي ڪڍي ۽ مانگ مان سندور ڪڍيو ۽ هُن جي پتي کي چٽڪي وسيلي ڇنڊو ڏنو ۽ جيئن ئي ماتا چٽڪي وسيلي ڇنڊو ڏنو ته هُن جو پتي جيئرو ٿي ويو ۽ هُن جي سس اچي مٿي ڏٺو ته هُن جو پٽ جيئرو آهي ۽ هُن جي سس ڏٺو ته ٻئي پتي پتني (زال مڙس) چوپڙ پاسو کيڏي رهيا آهن، اهو ڏسي اها پرسن ٿي ۽ سڄي نگري ۾ اهو ڍنڍورو ڏنو ته، پنهنجي پتين جي ڊگھي عمر جي لاءِ سڀني سهاڳڻين کي چوٿ جو ورت رکڻ گھرجي. تيرهن چوٿ ڪريو ۽ هي چوٿ ماتا جيئن ساهوڪار جي ڌي کي سهاڳ ڏنو اٿئي ايئن ئي سڀني سهاڳڻين کي به انهن جو سهاڳ ڏي ۽ انهن جي وڏي عمر ڪر، اهو چوندي، ٻُڌندي، هونڪارو ڀريندي، پنهنجي سموري پريوار کي ڏيڻ گھرجي. انهي کان پوءِ اها ڪٿا ٻُڌائي يا ٻُڌي چندر ڏسي وِڌي انوسار ارڳ ڏيڻ گھرجي. انهي پرڪار سان ڪڙوا چوٿ جي ڪٿا سمپورڻ ٿئي ٿي. سڀ گڏجي چئو چوٿ ماتا جي جئه.

تَتُ: 

ناري کي سدائين ڌرم تي وشواس رکڻ گھرجي.

ناري جيڪڏهن چاهي ته ناممڪن کي به ممڪن بڻائي سگھي ٿي.

اسان کي سدائين ڌيرج ڌارڻ گھرجي.

اسان کي ڪنهن لاءِ به اندر ۾ مير رکڻ نه گھرجي.

اسان جي جيون ۾ آشيروارد وڏي معني رکندا آهن.

پريوار ۾ ڀائرن، ڀينرن، سس، ماءُ، پيءُ، سهري، نراڻن، ڀاڄائين، جي پريم جي وڏي مڃتا آهي.

پريم سان سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگھجي ٿو.

تحرير:اشوڪ ڪمار

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.