سکر: شير مال ۽  نان هلائيندڙ ھوٽل مالڪن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

سکر جي شير مال ۽  نان هلائيندڙ ھوٽل مالڪن طرفان نان جي اگھن ۾ اضافي وارو معاملو حل نه ٿيڻ تي  چوٿين ڏينھن به  احتجاجن ڪاروبار بند رکيو ويو، ۔ مطالبن جي مڃتا لاء سکر پريس ڪلب روڊ تي علامتي بک هڙتال  پڻ ڪئي وئي ، ان موقعي تي  آل سکر شير مال ھوٽلز ايسوسي ايشن جي صدر افضل خان، محمد شفيق  ۽ ٻين چيو ته  انهن  مٿان  مقامي انتظاميا نان جو اگھ گھٽ ڪرڻ لاء مسلسل دٻاء وجھي رھي آھي پر هو  مھانگو اٽو خريد ڪري سستو نان ۽ چپاتي وڪرو ڪري نه ٿا سگهن  ، هنن چيو ته جيستائين سندن  مطالبا منظور نه ٿيندا ان وقت تائين سندن  پر امن احتجاج جاري رهندو۔

رپورٽ- اختيار علي چنا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.