وارهه:  پ پ ايم پي اي سردار خان ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

پ پ ايم پي ايز نواب سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو جي رهائشگاهه تي پوليس  چڙهائي واري عمل خلاف پيپلزپارٽي تعلقه ۽ سٽي يوٿ سپاف وارھ جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پ پ آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چونڪ تي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو ،، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي رياض الدين ابڙو، ھيرو سومرو، عبدالغفار بروهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  پيپلزپارٽي جي ايم پي ايز سردار خان چانڊيو ۽ نوابزاده برھان خان چانڊيو جي گهرن تي بناجواز چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي ، هننن چيو ته هو پنهنجي  اڳواڻن جي گهرن مٿان چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، هنن سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه ۽  پ پ قيادت  کان مطالبو ڪيو ته فوري طور آء جي سنڌ کي هٽائي پيپلزپارٽي جي ايم پي ايز سان انصاف ڪيو وڃي،

 

رپورٽ- مظفر قاضي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.