مورو: سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مارچ ، ڌرڻو

وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سجاڳي فورم ۽ سول سوسائٽي مورو پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي آزاديء لاءِ دادو مورو باءِ پاس کان پريس ڪلب مورو تائين وي ايم پي سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار، دانشور تاج جويي، سسئي لوھار، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، جسقم آريسر ،کنڀي گم ڪيلن جي وارثن جي اڳواڻيءَ ۾ 3 ڪلو ميٽر احتجاجي مارچ ڪيو ويو، ريلي مختلف رستن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب اڳيان پھتي جتي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ” سنڌ مان ھن وقت به اندازي موجب 50 کن سنڌي سياسي سماجي ڪارڪن ۽ 400 کن اردو ڳالھائيندڙ ۽ شيعا تنظيم سان لاڳاپيل ماڻھو کنڀي گم ڪيا ويا آھن جيڪا قانون ۽ آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آھي. ان موقعي تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن ياسين جھلڻ، زاھد کوسي، جساف اڳواڻن امير باغي، وحيد سنڌي، سماجي اڳواڻ تابش بخاري، نياز پنھور، سجاد ظھير سولنگي، رکيل مورائي، فھد رضا ميمڻ، ۽ ٻيا شامل هئا

رپورٽ- شاھنواز ڀٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.