ڪراچي: گلشن حديد مان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان شهزاد منگلو جي گهر ڀاتين جو احتجاج

ڪراچي جي علائقي گلشن حديد مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان شهزاد منگلو جي گهر ڀاتين  پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو  ، ان موقعي تي کنڀجي ويل نوجوان جي زال مهوش، ماءُ ممتاز پروين  پي شير محمد ۽ ڀيڻ لاريب منگلو چيو ته شهزاد کي 5 مهينا گذري ويا آهن،  انهن کي خبر ناهي ته هو ڪهڙي حال ۾ آهي ، زال مهوش چيو ته شهزاد کي 17 جون تي واٽس ايپ تي ڪال آئي، جنهن تي هو رات جو سوا نائين وڳي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، کيس نامعلوم ماڻهو کنڀي ويا آهن، انهن پوليس کي به اطلاع ڏنو پر ڪنهن به انهن جي مدد ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته شهزاد منگلو کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي.ٻي صورت ۾ اسان پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال تي ويهنداسين

رپورٽ-صادق سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.