ن ليگ جو ڪنهن به قيمت تي پنهنجي نصب العين کان پوئتي نه هٽڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن پنهنجي اسيمبلي ميمبر اياز صادق جي بيان تي حڪومتي رد عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا جي اثر هيٺ غداري واري نظريي جي پرچار شڪست ملڻ جي علامت آهي.

جاتي عمره لاهور ۾ ن ليگ جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، اياز صادق  ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

پڌرائي موجب اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ووين ۽ ملڪ ۾ بيروزگاري، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي جي ناڪامين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سلڪيٽڊ حڪومت جا پير نڪري چڪا آهن، ڀارتي ميڊيا جي اثر هيٺ غداري جي نظرين جي پرچار شڪست ملڻ جي علامت آهي ۽ اهڙي سازش عوام جو ڌيان هٽائڻ ۽ حڪومتي ڪرپشن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسن لاءِ ڪارڪنن کي فعال ڪيو ويندو ۽ مسلم ليگ ن مستقبل ۾ وڌيڪ قوت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

پڌرائي موجب مسلم ليگ ڪنهن به قيمت تي پنهنجو بنيادي نصب العين کان پوئتي نه هٽندي.

اجلاس ۾ پارٽي صدر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جيل ۾ قانوني سهولتون نه ڏيڻ لاءِ وزير اعظم عمران خان هي آءِ جي کي ڌمڪي جي به مذمت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.