فرانس ۾ گرجا گهر ٻاهران فائرنگ، پادري سخت زخمي

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ اڻڄاتل جوابدار جي فائرنگ ۾ پادري زخمي ٿي پيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي شهر ليون ۾ اڻڄاتل جوابدار چرچ ٻاهران فائرنگ ڪري هڪ پادري کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

فرانسيسي اختيارين جو چوڻ آهي ته پادري کي ٻه گوليون ان وقت هنيون ويون، جڏهن هو چرچ بند ڪري رهيو هو.

جوابدار واردات کانپوءِ فرار ٿي ويو، جڏهن ته پادري کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هوڏانهن پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.