قائداعظم جي مزار تي نعريبازي، عدالت جو ڪيپٽن صفدر کي پيش ٿيڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قائداعظم جي مزار تي نعريبازي جي ڪيس ۾ عدالت ڪيپٽن (ر) صفدر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ قائداعظم جي مزار تي نعريبازي ۽ مبينا بي حرمتي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر جي وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي.

ڪيس جي جاچ آفيسر چالان جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت کيس 3 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

گڏوگڏ عدالت ڪيپٽن (ر) صفدر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.