پيپلز پارٽي جون ڳجهيون چالاڪيون عوام آخر ڪڏهن سمجهندو؟

صدام ساگر

پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾اثر رسوخ ۽ طاقت کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهجي ڇو ته مُسلسل 13 سالن کان صوبي تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ويٺي آهي، پر  اهو پنهنجي نوعيت ۾انتهائي اهم ۽ معنيٰ خيز سوال آهي ته آخر پ پ تيرنهن سالن جي عرصي ۾عوام کي ڇا ڏنو آهي سواءِ بحرانن جي؟ تازو ئي پنهنجي مفادن ۽ مقصدن جي حاصلات خاطر سنڌ جي ملڪيت ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي اين او سي وفاقي حڪومت کي جاري ڪري ڇڏي. بحريا ٽائون جون زمينون تين وال ڪري ڇڏيون، ڊي ايڇ اي ڌارين حوالي، ٿر جون سنگين حالتون، ڪيترائي شهري گم، نابالغ هندو نياڻين جي جبري اغواڪاري، مهانگائي يا کڻي بي روزگاري جو بحران هجي هر لحاظ کان جمهوريت جي دعويدار هن حڪومت سنڌ کي بهتري طرف راغب ڪرڻ بدارن ويتر پوئتي ڌڪيو آهي. سهيل ميمڻ لکي ٿو ته پيپلز پارٽي سنڌ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني آهي جيڪا مالڪن سان ملي ڪري سنڌ کي لٽي رهي آهي.

هاڻي سوال اهو آهي پوءِ آخر سنڌ جي حصي ۾آيو ڇا آهي؟ سنڌ جي حصي ۾رڳو تباهي، مطلب تعليم جا پير پٺتي،  صحت واري شعبي ۾ ورهين کان هڪ ئي راڄ قائم، ٿرڪول ۾ڌارين جي لوڌ، انفراسٽڪرچر جي تباهي جا طويل تر منظر ۽ ڪرپشن اسڪينڊل آيا آهن. تازو ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري ٿيل مامري جو جائزو وٺنداسين ته پتو پوندو پيپلز پارٽي ڪيئن نه عوام جي اکين ۾سُرمو وجهي سنڌ جا ٻيٽ تين وال پئي ڪيا. چيو ويو ته صدارتي آرڊيننس ڳجهه ڳوهه ۾جاري ڪيو ويو اسان کي پتو ئي نه پيو. ناصر شاهه چواڻي اسان ته خاموشي سان ٺاهه پئي ڪيو پر هُنن آرڊيننس ظاهر ڪري مامرو پيدا ڪيو. اصل ۾اهو مامرو ته تڏهن پيدا ٿيو جڏهن سنڌ پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي، احتجاج ڪيا ويا،  سنڌ سرڪار به تڏهن وڃي اکيون کوليون ۽ پوءِ بيانيو به بدلايو، اڃا اُهو مامرو ٽياس تي ٽنگيو پيو آهي، پر ڪجهه ٿڌو ضرور ٿيو آهي. جڏهن ته وفاق به پنهنجي هوڏ تي بضد آهي.

ٻيٽن وارو مامرو ٿڌو ٿيندي ئي پيپلز پارٽي موقعو ڏسي ٻيهر ڪارونجهر کي وڪڻڻ جو منصوبو جوڙي ڇڏيو آهي. مزاحمت جي علامت روپلي جو ديس هونئن به سدائين نشان ۽ امتحان ۾رهيو آهي، ڪڏهن غيرقانوني پٿر کنيو ٿي ويو، ڪڏهن ڪٽائي يا کوٽائي جا منصوبا ٿا ڪيا وڃن مطلب ته ڪارونجهر جي اصل سونهن کي اجاڙڻ لاءِ سانباهه اڳ به جاري هئا ته اڄ به آهن. هن ڀيري سنڌ حڪومت نه رڳو ڪارونجهر رينج جي هڪ لک 50 هزار ايڪڙ ايراضي ۾گرينائيٽ پٿر جي کوٽائي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو به ڪري ڇڏيو آهي پر ان حوالي سان جاچ ڪاميٽي جوڙي رپورٽ پڻ مڪمل ڪئي آهي. دعويٰ ته اِها ڪئي پئي وڃي ته سنڌ کي وڏو فائدو ٿيندو پر ڀريو پنهنجو ئي پيٽ ويندو، ڇو ته  ٿرڪول منصوبي بابت به سنڌ حڪومت جو ساڳيو موقف هو ته ٿر هر لحاظ لاءِ پهرين ترجيح ۾شامل هوندو پر ايئن ٿيو ڪونه! مقامي ماڻهن جڏهن پنهنجا خدشا ۽ اعتراضات ظاهر ڪيا تڏهن ٽرڪ جي بتي پويان لڳايو ويو پر انهن کي حق نه مليا ۽ اُهي اڄ به سراپا احتجاج بڻيل آهن.

چوڻ جي حد تائين ته اهو ٺيڪ چيو ويندو آهي “ٿر بدليندو پاڪستان” پر حقيقت گهڻو ڪجهه ابتڙ آهي، هتي ترقي جي نالي جيڪو عوام سان کلواڙ ڪيو پيو وڃي اهو ٿر جي تاريخ ۾ڪڏهن ناهي ٿيو. گهر تباهه، امن تباهه، ايڪو سسٽم تباهه، مقامي ماڻهو روڊن تي پلي ڪارڊ کڻي دربدر! پر چيو اهو پيو وڃي ته اسان ترقي جي راهه تي گامزن آهيون. هاڻي جيڪڏهن ڪير ان ترقي جي حوالي سان ڳالهه يا سوال ڪري ٿو ته اهو ترقي جو دشمن سڏجي ٿو يا ان کي غداري جو سرٽيفڪيٽ ملي ٿو. ستم ظريفي ته اها پُڻ آهي جو ڌرتي ڌڻي پنهنجي ئي ڌرتي تي ننڌڻڪا آهن، پوءِ ترقي ڪهڙي ۽ ڪنهن جي؟ اهڙي ترقي مان ڪير مستفيد ٿو ٿئي؟  جڳ مشهور فلسفي لينن چوي ٿو ته “جيستائين توهان سماج ۾سياست جا طبقاتي بنياد نه سمجهندا، اسان هر ڀيري بي وقوف ٿيندا رهنداسين ڪڏهن جمهوريت جي نالي ۾ته ڪڏهن ترقي جي نالي ۾”. ان لاءِ جو سنڌي قوم کي به سجاڳ ٿيڻو پوندو.

بحيثيت عوام اسان جيڪڏهن پ پ حڪومتي دور جي طرز حڪمراني جو جائزو وٺنداسين ته اسان جي ڳولا وري وڃي سنڌ ۾لاڳو روايتي جاگيرداڻي نظام جا پيرا کڻندي، اهڙي جاگيرداراڻي نظام جيڪا اسان جي خانداني تربيت جو حصو سمجهي ويندي  آهي. جتي حقيقي سياست کي معروضي بنيادن تي رڳو پيپلز پارٽي جو حق سمجهيو ويندو آهي ۽ ووٽ کي “ڀُٽي جو قرض” سمجهيو ويندو آهي. پاڻ جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي مختلف دورِ حڪومت جي طرز حڪمراني ۽ سنڌ سان روين جو ڇيد ڪنداسين ته انهن روين ۾مخصوص جاگيرداراڻي ۽ فرعونيت جي روايتن جي جهلڪ نظر ايندي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اهڙن روين جي باوجود پ پ کي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام کان مثبت روين جي اُميد رکڻ گهرجي؟ يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي ته عوام جو رد عمل ڪهڙو هوندو، ڇو ته هن ڀيري اليڪشن ۾اسان ڏٺوسين ته ڪيئن نه چونڊيل نمائندن جي رستا روڪ ٿي پر عوام تي گهڻو ڀروسو نه ڪري سگهجي ڇو ته اسان جي قوم “بجا تير بجا” تي جهومر هڻڻ جي پراڻي هيراڪ رهي آهي، جنهن جو تازو مثال ننگرپاڪر ۾وڏي وزير مراد علي شاهه جي خطاب دوران نٽهڻ اُس ۾عورتون جهنڊا کڻي ويٺيون هيون، هاڻي انهن اٻوجهه عورتن کي ڪهڙي خبر هئي ته هڪ پاسي ڪاليداس ڊيم جو افتتاح ڪري ٻئي پاسي اسان جو نڪ ڪاٽڻ جو منصوبو رٿيو ويندو؟!

 تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي جو عوام کي اجايون همدرديون ڏيکارڻ ۽ ٻٽي پاليسي اختيار ڪرڻ بدران پنهنجي حقن جي ڳالهه جي ڪرڻ گهرجي ۽ بجاءِ اهو بيانيو دُهرائڻ جي ته “سنڌ ۾پ پ جو متبادل ناهي”، اسان کي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي ته آخر اسان متبادل پيدا ڇو ڪونه پيدا ڪري سگهيا آهيون؟ ارسطو چوندو هو ته سياست ۾جيڪڏهن پڙهيل لکيل ماڻهو نه ايندا ته جاهل ئي توهان تي حڪمراني ڪندا”. ظاهري ڳالهه آهي ته جيڪڏهن جاهل ئي حڪمراني ڪندا ته پوءِ ڇو نه نسلن جا نقصان ٿيندا؟ گرامچي چواڻي مسلط طبقي جي گفتگو يا ڊسڪورس خلاف جيستائين عوامي مفاد واري گفتگو جڳهه نه وٺندي تيستائين انقلاب نه ايندو پر سوال وري به اهو آهي ته اهو ڊسڪورس عوام ۾ ڪير ڦهلائي؟ اهو اسان ئي آهيون جيڪو ان عوامي ڊسڪورس کي پذيرائي ڏينداسين ۽ پوءِ پنهنجي تقدير بدلائي سگهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.