ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جلسي کانپوءِ ن ليگ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کانپوءِ ن ليگ بلوچستان ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا.

ذريعن موجب ن ليگ ۾ اختلاف اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري کي جلسي ۾ نه گهرائڻ تي ٿيا، ن ليگ جي مرڪزي قيادت ثناءُ الله زهري کي نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پارٽي جي مرڪزي قيادت جي فيصلي تي صوبائي اڳواڻن کي خدشا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ بلوچستان جي صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ پارٽي قائد جي موقف سان اختلاف ڪيو آهي ۽ هو جلد اڳتي لاءِ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته جعفر مندوخيل کي صوبائي صدر بڻائڻ جي ڳالهه رڳو افواهه آهي.

هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اختر مينگل ۽ ثناءُ الله زهري وچ ۾ تڪرار آهي ۽ اسان نه پئي چاهيو ته ثناءُ الله زهري جلسي ۾ شريڪ ٿئي، عبدالقادر بلوچ استعيفيٰ ڏيڻ چاهي ته ان جي مرضي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.