پهرين ون ڊي: پاڪستان زمبابوي کي 26 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 26 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان زمبابوي کي کٽڻ لاءِ 282 رنسن جو هدف ڏنو هو جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 255 رنسون بڻائي آئوٽ ٿي وئي.

پنڊي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان طرفان امام الحق ۽ عابد علي اننگز جو آغاز ڪيو ۽ ٻنهي رانديگرن جي وچ ۾ پهرن وڪيٽ جي  ڀائيواري ۾ 47 ٺهيون ته عابد علي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.

ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم به 19 رنسون بڻائي وڪيٽن جي پٺيان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته امام الحق 58 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

محمد رضوان ۽ افتخار احمد به ترتيبوار 14 ۽ 12 رنسن جا مهمان بڻيا جڏهن ته حارث سهيل 6 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 71 رنسن جي اننگ کيڏي.

بابر اعظم پهريون ڀيرو ون ڊي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي جڏهن ته قومي ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب  خان انجري سبب پهرين ميچ ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي.

فهيم اشرف ۽ عماد وسيم طرفان آخري اوورن ۾ تيز رفتار اننگز کيڏي وئي ۽ ٻنهي رانديگرن ترتيبوار 23 ۽ 34 ٺاهيون جنهن جي ڪري پاڪستان مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان حارث رئوف هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ ڊيبيو ڪيو.

زمبابوي جي اننگز:

زمبابوي هدف کي ڏسندي شروعات ۾ سٺي راند ڏيکاري پر آخري ڪجهه اوورن ۾ هو ٻوٽو نه ٻاري سگهيا.

زمبابوي طرفان ڪريڪ اروائن 41، برينڊن ٽيلر 112 ۽ ويسلي ماڌيويري 55 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي.

پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 5 ۽ وهاب رياض 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته عماد وسيم جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

پاڪستان کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ٿي وئي جڏهن ته سيريز جي ٻي ميچ نومبر ۾ کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.