سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ريليون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي ولادت جو ڏهاڙي تي ريليون ڪڍي ٻنهي جهانن جي سردار جي ولادت جو جشن ملهايو  ويو

ڄامشوري ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مولوي عبدالقيوم، مولوي عبد الله طاهري، عنائت الله طاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن ۽ معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، عمر ڪوٽ ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار جي ولادت جي موقعي تي مذھبي جماعتن پاران جشن ميلاد جون ريليون ڪڍيون ويون، ڏيپلي ۾ به 12 ربيع الاول ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جي ولادت جي موقعي تي مٺي کان ڏيلپو تائين مفتي علي نواز جهاڳورو، علامه محمد رمضان لطيفاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ڪنڌرا ۾ به اهلسنت والجماعت پاران جش عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي ڳوٺ بخش ڪٽپر کان ريلي ڪڍي وئي جنهن عاشقان رسول پاران مرحبا يا مصطفي جا نعرا بلند ڪيا ويا، ڪرمپور ۾ به مولوي صدرالدين ۽ محمد ابراهيم شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جتي هر طرف مرحبا، مرحبا يا مصطفي’ جا نعره گونجندا رهيا، سجاول ضلعي جي سمورن شهرن سجاول، ميرپوربٺورو، دڙو

سميت ٻين شهرن ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جوش ۽ جذبي سان ملهايو  ويو، نئون دمبالو ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار جي آمد جي موقعي تي مولوي عبدالغفور چانڊيو، مولوي محمد ايوب سڪندري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪه مسجد کان ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول شريڪ ٿيا، هالاڻي ۾ به عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي نوراني مسجد کان مولانا منور چانگ، مولانا مھتاب علي طاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، کپري ۾ به جشن عيد ميلاد نبي ﷺ جي موقعي تي مختلف ڳوٺن مان سوين ريليون کپرو پهتيون جڏهن ته شهر مان مرڪزي ريلي قديمي مسجد کپرو مان مفتي احمد علي سڪندري، قاري محمد شريف قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، نئون دنبالو ۾ به عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مولوي عبدالغفور چانڊيو، مولوي محمد ايوب سڪندري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪا مسجد کان ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول شريڪ ٿيا، ٺري مير واهه ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن کان جلوس غوثيه قادريه مدرسي ۾ گڏ ٿيا جتان پير سيد ميران شاهه جيلاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول شريڪ ٿيا، دريا خان مري ۾ به  جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ مدينه مسجد کان مولانا دلدار احمد، حافظ تنوير احمد، حافظ محرم قاسمي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مدينه مسجد وٽ جلسي جي صورت اختيار ڪري، دوڙ ۾ به عيد ميلاد البني ﷺ جي سلسلي ۾ جامع مسجد حنيفه کان شاندار ريلي مولانا ارشد سعيدي، قاري محمد شريف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جتي نبي پاڪ جي زندگي ۽ سيرت تي روشني وڌي وئي، ڳڙھي خيري ۾ عيد ميلاد النبي صلي الله وسلم جي موقعي تي غوثيه مسجد کان مفتي مولانا فضل محمد جمالي، مولانا زاھد  حسين جمالي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا لبيڪ يا رسول الله جا نعرا ھڻندي پنج گلي چوڪ تي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، ڪنڊياري ۾ به عيد ميلادالنبي ﷺ جي مناسبت سان مختلف ڳوٺن کان ساجد فاروقي، فقير شھاب الدين، حافظ معصوم اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، سڳيون ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ريلي جامع مسجد سڳيون کان ميان محمد ابراهيم چنا، صاحبزادن ميان اسد الله چنا ۽ مولوي ميان علي شير چنا جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي درگاھ عاليا لوڙهو شريف پهتي جتي هرطرف مرحبا يا مصطفي جون سدائون بلند ٿي ويون، رهڙڪي ۾ به عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي جامع مسجد رهڙڪي کان جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عاشقان رسول شريڪ ٿيا، بوزدار وڏا ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ جي ولادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان نوراني جامع مسجد کان امجد ٽانوري، سليم اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرڪار جي آمد مرحبا آقا جي آمد مرحبا جي نعرن سان هڪ عاليشان ريلي ڪڍي وئي، نئون ديرو ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، خانپور ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مرحبا مرحبا يا مصطفي جي نعرن جي گونج سان  ريلي ڪڍي وئي، پکي ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جي ولادت جي موقعي تي حقدو پاسي تنظيم جماعت جي سيد گل شاھه، ايم بي مختيار علي، معشوق مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جشن عيد ميلاد النبيﷺ جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، چمبڙ ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جي ولادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان مذهبي تنظيمن پاران عاليشان ريليون ڪڍيون ويون، چيلهار ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن کان مولانا نحمد حنيف عطاري، مولوي اڪبر بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون جتي ”سرڪار جي آمد مرحبا“ جا نعرا هنيا ويا، ريلين کي خطاب اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان خوش نصيب آهيون جو اسان کي ٻنهي جهانن جو سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه واليه وسلم جهڙو نبي مليو آهي جيڪو پوري ڪائنات جو نبي آهي، هنن چيو ته اسان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي ته نبي ڪريم جي ڏسيل واٽ تي هلي هن دنيا توڙي آخرت جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، جشن ميلادالنبي جي موقعي تي شهرن جي مختلف هنڌن تي خير خيراتن جو بندوست پڻ ڪيو ويو هيو  ….

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.