نيويارڪ: هني مون ملهائڻ ويندڙ پاڪستاني جوڙو سمنڊ ۾ ٻڏي ويو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) 24 آڪٽوبر تي نيويارڪ ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌيل نوجوان پاڪستاني/آمريڪي جوڙو ڀاماس جي ٻيٽ ڀرسان هني مون دوران سمنڊ جي بي رحم لهرن جي هٿان موت جو شڪار ٿي ويو.

تفصيل موجب نيويارڪ ۾ ڪيترن ئي سالن کان رهندڙ  مقبول ملڪ جو پٽ محمد ملڪ ۽پاڪستان ڄائي ڊاڪٽر نور شاهه ٽورسٽ  ٻيٽ تي ويا جتي هو سمنڊ جي بي رحم لهرن جو شڪار ٿي ويا.

سندن موت جو اطلاع آمريڪي اختيارين محمد ملڪ جي والد ڪرنل (ر) مقبول ملڪ کي ڏنو جنهن سان هو سخت صدمي ۾مبتلا ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.