قمبر: ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي گھرن تي چڙهائي، پ پ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

پ پ اڳواڻن سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گھرن تي پوليس چڙهائي کي ناجائزي قرار ڏيندي چيو آهي ته آءِ جي خلاف قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو

پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، سردار خان چانڊيو، سهيل انور سيال، ايم اين اي رفيق احمد جمالي ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس جي ناجائز چڙهائي خلاف پ پ جي قيادت سردار خان ۽ برهان خان سان گڏ بيٺل آهي، هنن چيو ته آءِ جي بند ڪمرن ۾ ويهي هدايتون وٺي بلاجواز بنگلن مٿان چڙهايون ڪيون آهن تنهن خلاف قانوني ۽ آئين رستو اختيار ڪندي هر فورم تي احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين ..هنن چيو ته پوليس جون ڪارروائيون سوشل ميڊيا تي اڳوٽ اچڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي .

ان موقعي تي سردار خان چانڊيو چيو ته پوليس ڪجھه ڏينھن کان مسلسل مون سان لاڳاپيل ماڻهن، برداري جي چڱن مڙسن ۽ پارٽي جي اڳواڻن کي پريشان ڪري رهي آهي جنهن سان پوليس جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته مون مٿان جڙتو ۽ ڪوڙو ڪيس سياسي مخالفن جي چرچ تي داخل ڪرايو ويو آهي، هن چيو ته ميهڙ واقعو سڌي سئني خانداني دشمني جو سبب آهي اسان جو واقعي سان ڪو به تعلق ناهي ……

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.