پاڪستان جي رياست جمهوريت جي پيٽرول سان هلندي مارشل لا جي ڊيزل سان نه:احسن اقبال

ڪنري(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي رياست جمهوريت جي پيٽرول سان هلندي مارشل لا جي ڊيزل سان نه.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪنري ڀرسان ڳوٺ ۾ ورڪرز  ڪنونشن کي خطاب ڪندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته لاهور ۾ وزير اعظم تقرير ۾ چيو ته پي ڊي ايم ۾ شاهينگ گڏ ٿيا آهن جڏهن ته عمران نيازي سان کان وڏو چور ڪير هوندو، جنهن ووٽ چوري ڪيا ۽ آر ٽي ايس سسٽم جي ذريعي مينڊيٽ چوري ڪيو.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف اونداهه کي روشني ۾ تبديل ڪيو، چار سالن دوران 11 هزار ميگا واٽ جا منصوبا شروع ڪيا، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، ڪراچي جو امن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۽ پي ايس ايل بحال ڪيو، اِهو ئي امن قائم ڪرڻ اسان جو ڏوهه آهي، هن چيو ته ن ليگ پاڪستان ۾ سي پيڪ جو منصوبو شروع ڪيو، چار سالن ۾ 29 ارب جا منصوبا گڏ ڪري ڏيکاري ، هي 72 سالن ۾ سڀ کان وڏو چور وزير اعظم آهي، عالمي سازش جي تحت نواز شريف جي حڪومت جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، سي پيڪ جي دشمنن نواز حڪومت جو خاتمو ڪيو.

مفتاح اسماعيل:

ان موقعي تي اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته ماڻهو ٻڌائن ته نواز شريف جي دور ۾ زندگي بهتر هئي يا هاڻ آهي، نواز شريف دور ۾ کنڊ 52 رپيا ۽ اٽو 35 رپيا هو پر اڄ کنڊ 115 رپيا ۽ اٽو 75 رپيا في ڪلو پيو ملي، مهانگائي جو سبب هي چور حڪومت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.