سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ريليون

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ولادت جو ڏينهن مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي ريليون ڪڍيون ويون

نوابشاهه ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي ريليون ڪڍي پاڻ سڳورن جي سيرت تي روشني وڌي وئي، ملير ۾ به گلشن حديد جي ديارحبيب  مسجد کان مولانا اڪرم سعيدي جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو، ڪنڌ ڪوٽ ۾ مرڪزي ريلي مسجد نور مصطفي کان ڪڍي وئي جنهن ۾ عاشقان رسول پاران مرحبا يا مصطفي جا نعرا بلند ڪيا ويا، ڏهرڪي ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جي آمد جي موقعي تي درگاهه ڀرچونڊي ميان عبدالخالق، ميان مٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪلوئي ۾ به ٻنهي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جي آمد جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو، ڀرياروڊ ۾ جشن عيدميلاد النبي صلي عليه وسلم جي سلسلي ۾ ھزارين عاشقان رسول مولانا محمد رفيق طاھري، مولانا غلام محمد ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان شاندار ريلي ڪڍي، ٽنڊي آدم ۾ به جشن عيد ميلاد النبي ﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو ريو مذهبي جماعتن پاران محمد علي قادري ۽ اي سي اعجاز احمد جتوئي جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، ڀان سيدآباد ۾ به جشن عيد ميلاد النبي جو مرڪزي جلوس مفتي پير خليل احمد جان نقشبندي جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عاشقان رسول شريڪ ٿيا، ٽنڊي غلام حيدر ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ جي ولادت جو جشن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، پيرونمل ۾ به عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي نوري مسجد مان عالمن ۽ شهرين پاران  ريلي ڪڍي وئي، قمبر ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي ﷺ جي ولادت جي موقعي تي تنظيم اصلاح الفقراءَ حسينيه نقشبنديه طرفان درگاهه عاليه حسين آباد کان سيد نصر الله شاهه بخاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، قاضي احمد ۾ به عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي جماعت اھلسنت پاران ڄام آفتاب علي انڙ، سيد آصف علي شاھ جيلاني جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي ريلين جي موقعي تي ”سرڪار جي آمد مرحبا“ جا نعرا هنيا ويا، جڏهن ته عبادتگاهن، سرڪاري عمارتن، چوراهن، روڊن رستن سميت گهر گهر کي سينگاريو ويو آهي …

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.