نوازشريف کي ذهني ۽ جسماني علاج جي ضرورت آهي: ميان جليل شرقپوري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر ميان جليل شرقپوري نوازشريف کي ذهني ۽ جسماني بيمار قرار ڏيندي قيادت شهباز شريف يا حمزه جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ تحريڪ انصاف شيخو پوره جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي جليل شرقپوري چيو ته نوازشريف کي ذهني ۽ جسماني علاج جي ضرورت آهي. هن چيو ته منهنجو مسلم ليگ(ن) سان واسطو آهي ۽ رهندو.

عوام  کان ووٽ ورتا آهن سيٽ ڪڏهن به نه ڇڏيندس، عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيو آهيان، جڏهن ته اياز صادق جي بيان تي ڏک پهتو آهي.

هن چيو ته  نوازشريف ووٽ کي عزت ڏيو جي بيان تي عمل ڪندي عمران خان کي عزت ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.