نوازشريف ۽ مريم نواز جي بيان سان ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي: شهباز گل

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته نوازشريف ۽ مريم نواز جي بيان سان ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز گل چيو ته عمران خان سان بغض ۾ دوستي هندستان تائين پهچي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ڳٺ جوڙ کي ختم ڪيو آهي  ڳٺ جوڙ ٽٽڻ سبب اپوزيشن بوکلاهٽ جو شڪار آهي  اپوزيشن جو بيان ملڪي سلامتي جي لاءِ خطرناڪ آهي.

هن چيو ته اپوزيشن جي جلسن جو بنانيو هاڻ اسيمبلين تائين پهچي ويو آهي 24 ڪلاڪن ۾ ان بيانن جو ڀوائتو  انجام ڏٺو ويو،  اياز صادق اڀينندن جي واپسي جو فيصلو ڪندڙ ڪير ٿيندو آهي؟ فيصلو ڪرڻ اپوزيشن نه  حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. اوهان کي ٻڌايو ويو هو ته حڪومت اهو  فيصلو ڇو ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اڄ مسلمانن لاءِ برڪتن ڀريو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سياسي ناهي پر نظرياتي سرحدن تي حملي جو جواب ضروري آهي. حڪومتي نمائندن جو فرض هوندو آهي ته نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪن.

شهباز گل چيو ته وزيراعظم عمران خان سچو ۽ پڪو عاشق رسول صه آهي.

پي ٽي آءِ  اڳواڻ چيو ته  اِهي پنهنجي ڪرپشن جا پئسا بچائڻ لاءِ قومي سلامتي تي حملا ڪري رهيا آهن. ڀارت  پاڪستان سان دشمني ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ئي اياز صادق چيو. اياز صادق  پنهنجي بيان جي وضاحت به غلط انداز  ۾ ڪئي.

وزيراعظم رياست مدينه جي اصولن تي هلندي پناهه گاهون قائم ڪيون ۽  شان رسالت صه ۾ گستاخي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. وزيراعظم گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي بيهي حق ادا ڪيو. وزيراعظم مسلمان ملڪن جي حڪمرانن کي خط لکيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.