اياز صادق غير ذميواراڻي ڳالهه ڪئي پر سندس حب الوطني تي شڪ  نه آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اياز صادق بلڪل غير ذميواراڻي ڳالهه ڪئي پر سندس حب الوطني تي شڪ نٿو ڪري سگھان.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي ڪجهه اطلاع هئا ته ڀارت کي پاڪستان جي هٿان شڪست ٿي ۽ پاڪستاني ايئر فورس جي  منهن ٽوڙ جواب تي وائڙائپ ۾ ڀارت ڪا جارحاڻي حرڪت ڪري سگھي ٿو، ان تي پارليامينٽ ۽ پارلياماني قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن چيو ته ان حوالي سان هڪ ميٽنگ ٿي هئي جنهن ۾ سينيئر قيادت هئي ۽ آئون به موجود هيس اسان پارليامياني اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو، وزيراعظم کي ان ميٽنگ ۾ اچڻو هو پر هو اهم اهم انٽرنيشنل ڪال جي انتظار ۾ هو ۽ ان ۾ دير سبب ميٽنگ ۾ نه اچي سگھيو.

سندس چوڻ هو ته اياز صادق جيڪو ڳالهه ڪئي اها بلڪل غير ذميواراڻي آهي، پر سندس حب الوطني تي شڪ نٿو ڪري سگھان، اياز صادق جوشيلي خطاب ۾ چئي ڇڏيو جنهن جو فائدو ڀارت اٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي بيانيي ۽ ڪاميابي کي ڀارت هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڀارت هتان پويان پير ڪري ڀڳو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.