چين جو ڀارت جي وڌيڪ علائقي تي قبضو، ڀارتي فوجي ٽينٽن ۾ رهڻ تي مجبور

لداخ (ويب ڊيسڪ) ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر ٿمپستن چيونگ انڪشاف ڪيو آهي ته چين پنگانگ ليڪ جي علائقي ۾ وڌيڪ 8 ڪلوميٽرن تائين ڀارتي علائقي تي قبضو ڪري ورتو آهي.

اڳوڻي بي جي پي پارليامينٽ ميمبر ٿمپستن چيونگ ڀارتي اخبار سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چين سان سرحد تي صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي، چيني فوج ڀارتي علائقي جي گھڙي آئي آهي.

هن چيو ته چيني فوج ڀارت جي وڌيڪ 8 ڪلوميٽرن جي علائقي تي قبضو ڪري ورتو آهي، چين ٻن مک ڀارتي پوزيشنن تي به قبضو ڪري ورتو آهي.

اڳوڻي ڀارتي ايم پي انٽرويو ۾ اهو به ٻڌايو ته مقامي ماڻهن کان خبر پئي آهي ته لداخ ۾ لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول (ايل اي سي) تي مقرر ڀارتي فوجي رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ ٽينٽن ۾ رهي رهيا آهن.

اڳواڻ ڀارتي پارليامينٽ ميمبر جو چوڻ هو ته ڀارتي فوجين جو ٽينٽن ۾ رهڻ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، جيڪڏهن حڪومت ڳالهين ذريعي چين کان ڀارتي علائقو خالي ڪرائي سگھي ته ڀارتي فوجين کي مناسب سيلٽر فراهم ڪرڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.