تعليمي ادارا ڪورونا پکيڙڻ جو سبب ناهن بڻجي رهيا: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريٽنگ سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته تعليمي ادارا ڪورونا پکيڙ  جو سبب ناهڻ بڻجي رهيا جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ريسٽورنٽ، شادي هال ۽ وڏيون مارڪيٽون ڪورونا ڦهلاءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته اي سي او سي هر روز ڪورونا جي صورتحال تي نظر رکي رهي آهي، سيپٽمبر ۾ ڪورونا جي شرح 1.7 کان 1.8 سيڪڙو هئي جنهن واڌ ٿي ۽ 72 ڏينهن ۾ ڪورونا جي شرح 3 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.

هن چيو ته قوم احتياط نه ڪيو ته ڪورونا جي صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي،ڪوشش آهي ته ڪورونا جو ڦهلاءُ وڌڻ کان اڳ بندوبست ڪيا وڃن، اسان جي سمارٽ لاڪ ڊائون حڪمت عملي ڪامياب هئي، اين سي او سي جي ڪورونا صورتحال تي نظر آهي، جيڪڏهن وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پيا ته کڻنداسين.

هن چيو ته تعليمي ادارا ڪورونا جي ڦهلاءَ جو سبب ناهن بڻجي رهيا، تعليمي ادارن ۾ ٻين سيڪٽر جي ڀيٽ ۾ ايس او پيز تي وڌيڪ عمل ٿي رهيو آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ريسٽورنٽ، شادي هال ۽ وڏيون مارڪيٽس ڪورونا جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ قانون ۾ تبديلي ڪرڻي پئي ته ڪنداسين پر في الحال اهڙي صورتحال نه آهي جو قانون ۾ تبديلي ڪرڻ پوي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.