ڪورونا وائرس جي ٻين لهر، 24 ڪلاڪن ۾ 20 فوتگيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻين لهر ۾ شدت اچي وئي آهي جنهن سبب 24 ڪلاڪن ۾ 20 ڄڻا فوت ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 1078 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيس جو انگ 3 لک 32هزار 186 ٿي ويوآهي.

اي سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 11 هزار 864 ٿي ويو جڏهن ته هيل تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 13 هزار 527 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 20 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 6 هزار 795 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 45 هزار 238، پنجاب ۾ 1 لک 3هزار 831، خيبرپختونخواه ۾ 39 هزار 361، اسلام آباد ۾ 19 هزار 594، بلوچستان ۾ 15 هزار 887، آزاد ڪشمير ۾ 4 هزار 46 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 229 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.