حيدرآباد ۾ وڪيل روشن چانڊيو جي ڀاءُ تي حملي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ڪلچرل سنگت سنڌ حيدرآباد پاران وڪيل روشن سندر چانڊيو جي وڏي ڀاءُ ارباب علي چانڊيو تي قمبر تعلقي جي ڊرگهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصير محمد چانڊيو ۾ قاتلاڻي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف روشن سندر چانڊيو، ارباب چانڊيو، ستار سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪجهه هٿياربندن ارباب چانڊيو تي حملو ڪيو، جنهن جو ڪيس پوليس داخل ڪرڻ بدران اين سي داخل ڪري جوابدار ڌر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.