آءِ بي اي ۽ سينٽڪس پراڊڪٽس ۾ تعاون تي اتفاق

ڪراچي (پ ر ) آءِ بي اي ڪراچي ۽ سينٽڪس پراڊڪٽس وچ ۾ عورتن جي صحت جي بچاءُ جي شين جي فراهمي بابت سهڪار ٿي اتفاق ٿيو آهي، ان عمل سان آءِ بي اي ۾ سينٽري نيپڪنز جي رسائي آسان ٿي سگهندي.سينٽڪس پراڊڪٽس پاڪستان ۾ پهرين ڪمپني آهي، جنهن سينٽري نيپڪنز ۽ پينٽي لائنزز جي بريٿبل پورِت فوليو جو آغاز ڪيو آهي. ان اشتراڪ هيٺ ڪمپني پنهني برٿيل رينج جي سپلاءِ ڪندي ته جيئن ٻنهي ڪئمپن ۾ نين لڳايل وينڊنگ مشينز جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. ان حوالي سان ڳالهائيندي سينٽڪس جي راڊريگز ۽ آِ بي اي جي ندا اسلم چيو ته ڇوڪرين توڙي عورتن جي صحت کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.