مٽياري عدالت جهيڙي ڪيس ۾ ايس ٽي پي جي اڳواڻ سميت 17 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو

مٽياري (ت ر)مٽياري جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان سميت 17 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو،بري ٿيلن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو ۽ مرڪزي پريس ترجمان محمد علي ابڙو، جنيد، صدام ، صوف ۽ ٻيا شامل آهن، ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سيکاٽ ٿاڻي 17 ڄڻن مٿان زميني تڪرار تان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جنھن جي ڪيس ۾ ڄاڻايل مٿي ڄاڻايل سڀئي ماڻهو سول ڪورٽ مٽياري ۾ پيش ٿيا جنھن کانپوءِ ڪورٽ سڳوري جوابدار ڄاڻايل ڌر جي وڪيلن ايڊووڪيٽ اسلم ميمڻ ۽ ايڊووڪيٽ عاقل ميمڻ جا دليل ٻڌڻ بعد سڀني کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.

کڏڙو ۾ عيد ميلاد النبي صه جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل

کڏڙو( ن ع  آ ) جشن عيدميلاد النبي صلعم جي سلسلي ۾ جمعيت علماء سڪندريه تعلقي سنجهورو جي عالمن ۽ حرجماعت جي ماڻھن  پاران مولانا حبيب الله سڪندري ، حافظ عبدالرشيد تنيو ، حافظ ساجد ڀٽو ، غلام مصطفئ شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کڏڙو شھر جي مين جامع مسجد کان پيادل ۽ موٽر سائيڪلن جي ريلي ڪڍي وئي هي ريلي جيڪا شھر جي مختلف چونڪن ۽ روٽن  پريس ڪلب روڊ ٽائون ڪاميٽي روڊ  ميڊيا سينٽر روڊ تان ٿيندي کڏڙو  ميڊيا سينٽر پھتي جتي مختلف  عالمن خطاب ڪيو.

جماعت اسلامي ٿرپارڪر جو اجلاس، عهديدارن حلف کنيو

مٺي (بيوروچيف)جماعت اسلامي ٿرپارڪر جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ چونڊيل نئين باڊي جي عهديدارن حلف کنيو، جماعت اسلامي جي چونڊيل ضلعي امير عبدالسبحان سميجو کان ضلعي جماعت جي مشاورت بعد ضلعي جي ذميوارن حلف کنيو، جنهن مطابق ضلعي نائب امير مير محمد بليدي،شهاب الدين،عبدالغني، جنرل سيڪريٽري ياسين لطيف، حافظ چارو ۽ ٻين تي مشتمل باڊي چونڊي وئي. ضلعي امير سبحان سميجو چيو ته جماعت اسلامي حڪومت ۾ نه هوندي به ٿر ۾ گذريل 20 سالن کان ڪم ڪري ٿرين جي خدمت ڪري رهي آهي،جنهن ذيلي اداري الخدمت جي مٺي ۾ هڪ بهترين اسپتال به قائم آهي، پاڻي پلانٽس سميت ٻيا منصوبا شامل آهن جنهن تي ڪم ڪيو ويو آهي، اسان جو اصل مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي،جيڪو سلسلو جاري رهندو، جماعت اسلامي هر وقت ٿري عوام سان گڏ آهي، اسان صحت،پاڻي سميت ٻين منصوبن تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪوشش آهي ته اڳتي به اهو ڪم جاري رکجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.