الخدمت الفلاح اسڪالرشپ تحت ذهين شاگردن کي وظيفو فراهم

لاهور (پ ر) الخدمت الفلاح اسڪالر شپ اسڪيم تحت گذريل ڪيترن ئي سالن کان مالي مشڪلاتن باوجود هزارين ذهين شاگردن  کي تعليم جي حاصلات لاءِ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي نائب صدر ڊاڪٽر محمد مشتاق مانگٽ روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن پروگرام تحت پياري ملڪ جي چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي محنتي ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليم تعليم جي حاصلات لاءِ نبارنگ ۽ نسل، مذهب، ذات ۽ سياسي وابستگي جي بغير تعليمي وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ هن وقت تائين 4230 ذهين ۽ محنتي شاگردن کي وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن. الفلاح اسڪالرشپ جو ڪم صرف وظيفو فراهم ڪرڻ ناهي پر هڪ قدم اڳتي وڌي پوري سال اندر شاگردن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.