ڏاهلي ويجهو ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم

مٺي(بيوروچيف)ڏاهلي تعلقي جو ڳوٺ تاجيا ٻھ جا رهواسي 6 ڪلوميٽر پري پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، ڳوٺ ۾ ڪو به سرڪاري اسڪيم نه هجڻ ڪري رهواسي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سهوليت کان محروم آهن،جيڪي 6 ڪلوميٽر پري پنڌ ڪري پاڻي حاصل ڪن ٿا،ٿر ۾ سوين آر او پلانٽس لڳائي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت ڏيڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن پر لڳايل سمورا آر او پلانٽس خراب پيل آهن،ڄاڻايل ڳوٺ هڪ هزار جي آبادي تي مشتمل آهي،پر پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت موجود نه هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آهن،کارو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن،ڳوٺ جي رهواسين شڪر الدين،اختيار علي، عباس علي، رجب علي ۽ ٻين صحافين کي ٻُڌايو ته پاڻي جي ڪو به سهوليت ناهي، پاڻي اسان جي ڳوٺ کان پري آهي،6  ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻي حاصل ڪيون ٿا،ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم ڏني وڃي،سنڌحڪومت نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.