چوهڙ جمالي لڳ واٽر سپلاءِ ناڪارا، پاڻي جي کوٽ

چوهڙجمالي( ن ع آ ) تعلقي شاھبندر جو ڳوٺ گونگاڻي ۾ واٽر سپلائي ناڪارا بڻيل ـ واٽر سپلائي جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار ـ رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان    تعلقي شاھبندر جي ڳوٺ گونگاڻي ۾ ( ر) جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڳوٺاڻن کي پيئڻ جو پاڻي ميسر ڪرڻ لاء لکين روپين جي لاڳت سان واٽر سپلائي اسڪيم ان وقت جي ضلعي ناظم پاران  ٺاراھيل واٽر سپلائي ھن وقت ناڪارا بڻجي چڪي آھي ڳوٺاڻا پيئڻ جي لاء پاڻي ڏورانھن علائقن مان آڻڻ تي مجبور آھن ـڳوٺاڻن بشير احمد ٽالپور،  شاھنواز ٽالپور، علي حسن خاصخيلي، طفيل ڪنڀار، اسلم ڪنڀار، جمن ٽالپور ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ ھن جديد دور ۾ بہ اسان کي بنيادي سھولتون ميسر ناھن ضلعي انتظاميہ کي بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود اسان جا مئسلا حل ٿي ناھن سگهيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.