نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن جو ايس ايڇ او خلاف مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) ٽائون ڪميٽي بوڇيري جي رھواسين امداد زرداري، شاهد زرداري، اعجاز زرداري، غلام اڪبر زرداري ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب پھچي دانھيندي چيو ته بالو جا قبا ٿاڻي جو ايس ايچ او گلزار مري قانون جي لتاڙ ڪندي اسان جي ٽن نوجوانن رمضان زرداري، صدام زرداري، شاھد زرداري ۽ 8 نامعلوم شھرين تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو آهي، ھنن چيو ته امام حسينء جي چاليھي جي موقعي تي ايس ايچ او بالو جا قبا عزاداري ڪرڻ ۾ رنڊڪون وڌيون جنھن تي عزادارن احتجاج ڪيو ته انھن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، ھنن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ايس ايڇ او گلزار مري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.