زرتاج گل پنهنجي حسن بابت پڇيل سوال تي لَڄي ٿي پئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل پنهنجي حسن بابت پُڇيل سوال تي لڄي ٿي پئي ۽ چيو ته سياسي جدوجهد ۾ سونهن برقرار ناهي رهي، هاڻ مان اڳ جهڙي ناهيان رهي.

ڪاسميٽڪس ۾ مرڪري جي استعمال جي حوالي سان لاهور ۾ هڪ تقريب دوران صحافي زرتاج گل کان سندس حسن جو راز پڇيو.

صحافيءَ جي سوال تي مملڪتي وزير اڳ ته لڄي ٿي پئي، پوءِ چيائين ته قبيلائي آهيان، سياسي جدوجهد ۾ قدرتي حسن ايترو وڃي بچيو آهي ته مان اڳ جهڙي ناهيان رهي، هاڻ ته ڪلاس فيلوز به ناهن سڃاڻينديون.

هن عورتن سان امتيازي ورتاءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇوڪريءَ جو رنگ ڀورو هجي ته پوءِ ئي رشتو يا نوڪري ملندي آهي، ڇوڪرو جهڙو به هجي پر چيو اهو ويندو آ ته نُنهن چنڊ جهڙي هجڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.