فرانس ۾ چاقوءَ سان حملا، ترڪي ۽ سعودي عرب جي مذمت

 

انقرا (ويب ڊيسڪ) گستاخ خاڪن جي معاملي تي فرانس سان ڇڪتاڻ باوجود ترڪي پئرس ۾ ٿيندڙ چاقو حملن جي مذمت ڪئي آهي.

ترڪي پئرس ۾ چرچ ڀرسان چاقو سان حملن ۾ 3 ڄڻن جي مارجڻ جي سخت مذمت ڪندي فرانس سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

ترڪ پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ نيس حملي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اسان ان واقعي جي سخت مذمت ڪيون ٿا.

هوڏانهن سعودي عرب پڻ پئرس ۾ پيش آيل ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي.

سعودي پرڏيهي وزارت موجب انتهاپسندي جي اهڙن واقعن کي سختي سان رد ڪيون ٿا، انتهاپسندي جي ڪنهن به مذهب ۾ ڪا گنجائش ناهي.

سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته تشدد ۽ انتهاپسندي پکيڙڻ جي واقعن کان سڀني کي بچڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.