پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيد ميلادالنبي صه مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻ سڳورن صه جن جي ولادت جو ڏينهن مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جن ۾ شريڪ ننڍا توڙي وڏا پاڻ سڳورن صه جن جي ولادت باسعادت جو جشن ملهائي رهيا آهن.

12 ربيع الاول جي موقعي تي سڄي دنيا جيان پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ ريليون ڪڍي ”سرڪار جي آمد مرحبا“ جا نعرا هنيا پيا وڃن.

ملڪ ۾ عبادتگاهن، سرڪاري عمارتن، چوراهن، روڊن رستن سميت گهر گهر کي سينگاريو ويو آهي ۽ درود سلام جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن.

پاڪستاني حڪومت هر سال جيان هن سال به 12 ربيع الاول جي مناسبت سان اڄ موڪل جو اعلان ڪيو آهي ۽ سرڪاري سطح تي پڻ عيد ميلادالنبي صه جي محفلن جو اهتمام ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.