سماجي تنظيم طرفان ملير جي اسڪولن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ورهايا ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ملير جي اسڪولن ۾ ڪورونا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سماجي تنظيم طرفان شاگردن ۽ عملي ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ورهايا ويا.

سماجي تنظيم ليگل رائٽس فورم جي ٽيم ملير پهچي شاگردن ۽ اسڪولن جي عملي ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر تقسيم ڪيا.

ليگل رائٽس روم جي اڳواڻ مهوش حنا چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس پکڙجي رهيو آهي، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ غريب شاگردن کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ اسين پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته اسان ڪجهه سرڪاري اسڪولن ۾ ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائيزر ورهايا آهن، جيئن معصوم ٻارڙن کي وائرس کان بچائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.