زمبابوي کي آسان نه سمجهنداسين: بابر اعظم

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته زمبابوي خلاف سيريز ۾ ڪو دٻاءُ ناهي، اسان مهمان ٽيم کي سولو مخالف نه سمجهنداسين.

پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات سڀاڻي کان راولپنڊي ۾ ٿي رهي آهي.

ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ڪپتاني ملڻ تي ٿورائتو آهيان، مان ڪپتان طور ٽي ٽوئنٽي جو تجربو استعمال ڪندس، ڪوشش آهي ته ڪپتاني کي بهتر بڻايان، هر ميچ کان اڳ پاڻ تي اعتماد رکندو آهيان ۽ پلاننگ موجب کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

هن چيو ته ٽيسٽ ڪپتاني طور ڪجهه نه پيو سوچيان، هن وقت سڄو ڌيان زمبابوي خلاف سيريز تي آهي، زمبابوي کي سولو مخالف نه سمجهنداسين، مهمان ٽيم وٽ تجربي ڪار رانديگر آهن، اسان انهن خلاف سٺي پلاننگ ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته رانديگرن کي اهو ئي پيغام ڏنو آهي ته توهان پنهنجي صلاحيت موجب کيڏو، فتح جي عزم سان ميدان تي لهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.