نوابشاهه: پيپلز لائيرز فورم ڊويزنل صدر طور مقرري تي غلام شبير زرداري جي مان ۾ آجياڻو

نوابشاهه ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن پاران پيپلز لائيرز فورم جو ڊويزنل صدر چونڊجڻ تي غلام شبير  زرداري جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو

تقريب کي خطاب ڪندي ايڊوڪيٽ  غلام شبير زرداري جو چوڻ هو ته مان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار جو شڪر گذار آھيان جن مون تي اعتماد ڪندي پيپلز لائيرز فورم شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي صدارت جي ذميواري سونپي آهي، هن چيو ته اسان سدائين وڪيل برادري جي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ اڳتي به وڪيلن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس، تقريب کي علي بخش لاکو، علي رضا چنا، جي ايم  خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.