کپرو: سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، متاثرن جو احتجاج

کپرو ۽ سنڌڙي تعلقي جي سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو جنهن خلاف متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ليڪن ديھه، ٻاورلو، ۽ ٻين ڳوٺن جي سوين ٻوڏ متاثر ڳرهوڙ شريف کان کپرو پهتا جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ايڊوڪيٽ مير محمد نهڙي، سيد ذيشان علي شاھه، روشن مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته برسات کان پوءِ سانگھر ۽ ميرپور خاص ضلعن جي انتظاميه غلط جاين تان ڪٽ هنيا جنهن ڪري ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود گرهوڙ شريف جي ڪافي علائقن ۾ 5کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي جنهن جي ڪري سوين ڳوٺن جا رهواسي دربدر آهن … ايس او ٽي

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو آهي ته جوڊيشنل انڪوائري ڪري ملوث ڪامورن خلاف قدم کڻي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو  ……..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.