ادارن کي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

 

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم هر اداري کي پنهنجي ٽائيگر فورس ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، ادارن کي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين.

اسڪردو ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جو هر ادارو پاڪستانين جو آهي، توهان کي حق، حاڪميت ۽ ملڪيت ڏيارڻي آهي، گلگت بلتستان جي عوام جو آواز اسلام آباد تائين پهچائڻو آهي، وزيراعظم ڪير ٿيندو اهو فيصلو گلگت بلتستان جي عوام کي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته عمران خان نوجوانن سان ڪهڙا ڪهڙا واعدا ڪيا، اڄ نوجوان روئي رهيا آهن، سرڪاري ملازمن سميت هر طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته آمريت خلاف تحريڪن ۾ گلگت بلتستان جي عوام پاڻ ملهايو، توهان کي ڪنهن لوٽي جو ساٿ ناهي ڏيڻو، وزيراعظم ٻن سالن ۾ پياري پاڪستان جو جيڪو حشر ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي، اسان گلگت بلتستان جي عوام کي تباهي کان بچائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.