فيصل جاويد احتجاجي طور پاڪ – فرانسيسي پارلياماني فرينڊ شپ جي سربراهي ڇڏي ڏني

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد فرانسيسي صدر طرفان گستاخ خاڪن جي حمايت تي سخت احتجاج ڪندي پاڪ – فرانسيسي پارلياماني فرينڊ شپ جي ڪنوينر شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

فيصل جاويد پاڪ – فرانسيسي پارلياماني فرينڊ شپ جي ڪنوينر شپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ هن پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين کي موڪلي ڇڏي آهي.

تحريڪ انصاف سينيٽر جو چوڻ آهي ته فرانسيسي صدر جي قدمن سان انسانيت ورهاست ۽ شدت پسندي ڏانهن وڌندي، مقدس هستين جي توهين خلاف عالمي سطح تي قانون سازي وقت جو تقاضو آهي.

سندس موجب اظهار جي آزادي جي نالي تي مسلمانن جي جذبن سان کيڏڻ قبول ناهي، مسلمانن جي جذبن سان کيڏڻ جو فرانسيسي منطق قبولڻ جوڳو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.