وفاقي حڪومت جو اياز صادق کان ايوان ۾ بيهي معافي وٺڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته هڪ عدالتي مفرور ملڪي ادارن تي گولاباري ڪري رهيو آهي ۽ ذاتي مفادن لاءِ نظام کي درهم برهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته ملڪ خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، اپوزيشن جو مقصد ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ آهي، اهي اڳ به گڏ هئا ۽ عمران خان اڪيلو هو، پاڪستان جي سياست ذاتي نه پر قومي مفادن جي چوڌاري گهمندي.

هن چيو ته اپوزيشن ليڊر تي ڪرپشن جا سنجيده الزام آهن، لڳندو هو ته اهي ماڻهو دشمن جي موقف جي حمايت ڪري رهيا آهن پر هاڻ لڳي ٿو ته انهن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، اياز صادق ڪالهه اهڙو بيان ڏنو جنهن سان دشمن خوش ٿي ويو، معافي کانسواءِ ڳالهه اڳتي نه وڌندي.

سندس چوڻ هو ته اياز صادق کان اڀي نندن بابت بيان تي قوم حساب وٺندي، هو قومي اسيمبلي ۾ بيهي معافي وٺي، پي ڊي ايم به اياز صادق جي بيان جي مذمت ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.