اداڪار شان جي عابده پروين کي ڀيٽا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار شان شاهد پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ذريعي گلوڪارا عابده پروين کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

شان شاهد مداحن کي ڏنل پيغام ۾ هڪ پاسي سياسي نفرت کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو ته ٻي پاسي وري فنڪارن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ جي اپيل به ڪئي آهي.

پنهنجي پيغام ۾ شان گلوڪارا عابدا پروين کي پاڪستان جو صوفياڻو آواز قرار ڏنو ۽ مداحن کي چيو ته هو به پاڪستاني فنڪارن جو احترام ڪن.

هن چيو ته سياست اسان جا ڪن، اکيون، دماغ، دل ۽ ٻڌي تي قبضو ڪري ورتو آهي، اسان کي سياست کان پاسو ڪندي پاڪستان سان محبت جي شروعات ڪرڻي پوندي.

اداڪار پنهنجن مداحن کي امن، محبت ۽ ٻڌيءَ پکيڙڻ لاءِ ڳجهو پيغام به ڏنو.

شان وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي صوفياڻن آواز سان سلهاڙيل رهڻ گھرجي جيڪي نه رڳو اسان جي دماغ پر روحن کي به ڇوهيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.