سکر جي هوٽل مالڪن نان 12 رُپيا وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

سکر جي هوٽل ۽ تندور مالڪن نان 12 رُپيا وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏيندي ٻئي ڏينهن به هڙتال ڪئي

هوٽل ۽ تندور مالڪن 12 رُپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏيندي ٻئي ڏينهن به هڙتال جاري رکي، تندور مالڪن احتجاج ڪندي چيو ته پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي جي اجلاس ۾ نان جو اگهه 15 رُپيا مقرر ڪيو ويو ھو، هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ انتظاميا حڪم ڏنو ته 12 رُپيا نان وڪرو ڪيو وڃي، دوڪاندارن جو چوڻ هو ته گهٽ اگهه تي نان وڪرو ڪرڻ سان نقصان ٿيندو دڪانن جو ڀاڙو ۽ ٻيو خرچ ڪٿان آڻينداسين، هوڏانهن انتظاميه جو چوڻ آهي ته نان جو پهرين مقرر ڪيل اگهه غلط هو، ٻيهر ٿيل اجلاس ۾ خرچن جو ڪاٿو لڳائڻ بعد نان جو اگهه 12 رُپيا مقرر ڪيو ويو آهي ……..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.