نصيرآباد ۾ شهري اتحاد طرفان صفائي نه ٿيڻ خلاف بک هڙتال

نصيرآباد (ن ع آ)شھري اتحاد پاران شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف بک هڙتال ڪئي وئي، معشوق ڦلپوٽو، محمد حسن بازري ،عنايت تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي، بک هڙتالي ڪئمپ تي عورتن، ٻارڙن، بزرگن ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٽائون انتظاميا ھٿ وٺي شھر کي گندگيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، گذريل 2 مھينن کان شھر جي صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي، صفائي ڪندڙ عملي جون پگهارون بند ڪري شھر کي گند جو ڍير بڻايو ويو آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جيسيتائين شھر ۾ صفائي جو عمل شروع نه ٿيندو اسان جي تحريڪ جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.