حيدرآباد ۾مختلف ڌرين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مختلف ڌرين پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ الڳ الڳ احتجاج جاري رکيو، جنهن تحت سنڌي لئنگوئج اٿارٽي مان جبري نيڪالي ڏنل شاعره ۽ ليکڪه امر خورشيد رضوي ثقافت کاتي پاران انڊومينٽ فنڊ بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. ٽنڊوالهيار جي رهواسي احسان علي بروهي معصوم ڀيڻ فوزيه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بک هڙتال جاري رکي. قاسم آباد جي ڳوٺ سنجر ملاح جي پيرسن رهواسي محبوب ملاح پلاٽ تي قبضو ڪندڙن خلاف احتجاج جاري رکيو. هنن گهر ڪئي ته سندن مسئلا حل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.